سنڌ بابت انگريزن جي اختيار ڪيل حڪمت عملي

سنڌ بابت انگريزن جي اختيار ڪيل حڪمت عملي

سنڌ بابت انگريزن جي اختيار ڪيل حڪمت عملي

سنڌ بابت انگريزن جي اختيار ڪيل حڪمت عملي (ڪتاب): هي ڪتاب چيتن ماڙيوالا جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ٻه مهاڳ ڏنل آهن، جن مان پهريون مهاڳ اينڊريان ڊيو آرٽ جو ۽ ٻيو ليکڪ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ ’ٻه اکر‘ جي سري سان مترجم بابت ناز سنائي لکي ٿو ته: ”عطا محمد ڀنڀرو اسان جو دوست ۽ بزرگ، سنڌ جي تاريخ کي سموهڻ، گڏ ڪرڻ، ترجمو ڪرڻ جو جيڪو ڪم هن دور ۾ ڪري رهيو آهي، ان ڪم تي اسين سمورا سنڌ واسي فخر ڪري سگھون ٿا.“
هن ڪتاب ۾ اهي مضمون شامل آهن، جيڪي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ پڙهيا ويا هئا ۽ جن جي ذريعي اهو واضح ٿئي ٿو ته انگريزن وٽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي لاءِ شروعاتي حڪمت عملي ڇا هئي ۽ هنن ڪهڙي ڍنگ، انداز ۽ اٽڪل سان سنڌ تي قبضي جي حڪمت عملي جوڙي هئي. هنن جي ڪاروباري مفاد جي پس پرده سياسي مقصد جو اڀار ڪهڙين حالتن ۾ ٿيو ۽ سندن سياسي مفاد جي حق ۾ زميني حالتون ڪيئن تبديل ٿيون. هي ڪتاب سنڌ جي حوالي سان انگريزن جي حڪمت عمليءَ بابت ڀرپور تجزيي تي مشتمل آهي. 157 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، 1999ع ۾ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد شايع ڪرايو هو، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو